ڊاڪٽر شاهه محمد مهيسر

ڊاڪٽر شاهه محمد مهيسر

شاهه محمد مهيسر ڊاڪٽر

شاهه محمد مهيسر، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر شاهه محمد مهيسر پهريون سنڌي آهي، جنهن چمڙيءَ جي موذي مرض‘ سورياسز’ تي تحقيق ڪري پي.ايڇ.ڊي ڪئي ۽ ان بيماريءَ جا سبب ۽ علاج ڳولڻ ۾ ڪافي اڳڀرائي ڪئي آهي. سندس جنم 31 ڊسمبر 1952ع تي ڳوٺ ڪمال ديري ضلعي خيرپورميرس ۾ ميان عنايت الله مهيسر جي گهر ۾ ٿيو. سندس ڏاڏو حضرت علامه غلام محمد مهيسررح پنهنجي وقت جو نامور عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي.
ڊاڪٽر شاهه محمد ابتدائي تعليم ڪمالديري مان ۽ مئٽرڪ گمبٽ جي مراد هاءِ اسڪول مان 1969ع ڌاري پاس ڪئي. بعد ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر پاس ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1975ع ڌاري بائيوڪيمسٽري شعبي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. هن پئٿالاجي ليب ٽريننگ پڻ ڪئي. عملي زندگيءَ جو آغاز هن 1977ع ڌاري ليڪچرار(پئٿلاجي) طور پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه مان ڪيو ۽ ٽن سالن بعد چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ 19سال تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون. جتي هن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ٽيچرس ايسوسيئيشن(CTA) جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو وائيس پريزيڊنٽ به رهيو. هن ان بعد لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي (LUMHS) ڄامشوري ۾ خدمتون انجام ڏنيون. ڊاڪٽر شاهه محمد مهيسر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1999ع ڌاري ايم.فل لاءِ رجسٽرڊ ٿي. ڪيترائي سال تحقيقي ڪم ڪندي 2003ع ڌاري،سنڌ يونيورسٽيءَ مان نامياري اسڪالر ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ جي نگرانيءَ ۾ پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس پي.ايڇ.ڊي مقالي جو عنوان آهي:
Comparative And Quantitave Analysis of Blood And Amino asids from Human Epidermis of Psoriatic And Normal Subject.
هن جا 30 ريسرچ پيپر ۽ 50 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا ڏيهي توڙي پرڏيهي جرنلز ۽ مختلف طبي رسالن ۾ ڇپيا آهن. ايسوسيئيٽ پروفيسر طور لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ مان 2012ع ۾ ريٽائر ٿيو. ڊاڪٽر شاهه محمد مهيسر جا ٻه تحقيقي ڪتاب جرمنيءَ جي ’ليپ ليمبرٽ اڪيڊمڪ پبلشرز‘ طرفان شايع ٿيا آهن:(1) Significance of Human Capital for the Public Health Management and Policy Making. (2) Molecular Weight Determination of Keratin In Psoriatic Patients By HPLC.
رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪراچيءَ جي ديوان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ۾ ڪجهه عرصو پرنسپال ۽ بايوڪيمسٽري شعبي جو سربراهه رهيو. اڄڪلهه انڊس ميڊيڪل ڪاليج ٽنڊي محمد خان ۾ بايو ڪيمسٽري شعبي جي سربراهه ۽ پروفيسر طور مقرر آهي. چمڙيءَ جي ‘سورياسز’ بيماريءَ بابت سندس مضمون سنڌي ۽ اردو ۾ پڻ شايع ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.12.31  عيسوي

ڊاڪٽر شاهه محمد مهيسر جو جنم31 ڊسمبر 1952ع تي ڳوٺ ڪمال ديري ضلعي خيرپورميرس ۾ ميان عنايت الله مهيسر جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمالي حاجي علي بخش
چانڊيو نواب شبير احمد خان
شفيع محمد ميان حڪيم
چانڊيو غلام رباني
الهبچايو ڪرهيي پوٽو
ثميره زرين
ڄام محمد ايوب عالياڻي
مولانا جلال الدين ٺٽوي
جتوئي محمد ابراهيم
ابراهيم کرل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون